سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي SDS

سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي SDS

سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي SDS

سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي (SDS): سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي (Sindh Development Society)، هڪ غير سرڪاري تنظيم آهي، جيڪا 1991ع ۾ غفار ملڪ، ڪجهه سياسي، سماجي، صحافي ۽ وڪيل دوستن سان گڏجي قائم ڪئي. هيءَ تنظيم 1994ع ۾ رجسٽر ٿي. هيءَ تنظيم سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقيءَ ۽ سماجي مٿڀرائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن جي رٿائن ۾ غير رسمي تعليم (non formal education)، ماحولياتي بچاءُ، صفائي سٿرائي، بنيادي صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جا پراجيڪٽ شامل آهن، جن جي مدد سان هيءَ تنظيم سماج ۾ مثبت تبديليءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ متڀيد کان پاڪ معاشري ۾ هيٺين طبقن ۽ عورتن لاءِ تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.هن تنظيم جي مرڪزي آفيس ڀٽائي نگر، حيدرآباد ۾ آهي.
سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽيءَ پاران ٽه ماهي رسالو ’عورتازاد‘ مئگزن پڻ نڪرندو آهي.
هن تنظيم جي جوڙجڪ هن ريت آهي: چيئرپرسن: ڊاڪٽر عشرت شاهه، سيڪريٽري محترمه فردوس سانگي، خزانچي: عبدالغفور قاضي، ميمبرن ۾ ايم پرڪاش، حسن پٺاڻ، غلام مصطفيٰ بلوچ وغيره شامل آهن، جڏهن ته هن تنظيم جو ڊائريڪٽر غفار ملڪ آهي.
ڪيتريون ڏيهي ۽ پرڏيهي غير سرڪاري تنظيمون هن تنظيم جي ڪمن ۾ سهڪاري آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو